تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

صبا قمر جي يوٽيوب چينل تي ٽئين قسط جاري، ڪاپي رائيٽس جي دعويٰ

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ويب اسٽريمنگ ويب سائيٽ يوٽيوب مشهور اداڪارا صبا قمر جي سندس آفيشل يوٽيوب چينل تي جاري ڪيل نئين وڊيو کي ڪاپي رائيٽس سبب هٽائي ڇڏيو. صبا قمر 7 جون تي پنهنجي يوٽيوب چينل تي ٽئين وڊيو جاري ڪئي هئي جنهن ۾ اداڪارا مزاحيا انداز ۾ “ڪورونا ۾ شادي” ۽ “محلي ۾ پڦي“ جو ڪردار ادا ڪرڻ جي حوالي سان مزاحيه خبرون جاري ڪيون هيون. اداڪارا وڊيو جي حوالي سان ٽوئيٽ به ڪيا هيا جن ۾ هن ٻڌايو هو ته هن مشهور ڪاميڊين شهوير جعفري سان چسڪا نيوز ود صبا قمر اينڊ شهوير جعفري نالي ٽئين قسط رليز ڪري ڇڏي آهي. هن ٽريلر به جاري ڪيو هو جنهن ۾ هو نيوز ڪاسٽر جي روپ ۾ نظر اچي رهي هئي. وڊيو جي ٽوئٽر تي ساراهه ڪئي وئي جڏهن ته وڊيو کي يوٽيوب طرفان عثمان اسد خان جي ڪاپي رائيٽس جي دعويٰ سبب هٽايو ويو. واضح رهي ته صبا قمر جي يوٽيوب وڊيو چسڪا نيوز ود صبا قمر اينڊ شهوير جعفري وڊيو ۾ اداڪارا هدايت ڪئي سستي ريٽنگ لاءِ محلي جي پڦي جو ڪردار ادا ڪرڻ کان پاسو ڪريو ۽ محبتون پکيڙيو. وڊيو جي شروعات ۾ هڪ مزاحيه ڊسڪليمر اسڪرين تي اچي ٿو جنهن ۾ صبا قمر چوي ٿي ته چسڪا نيوز شروع ڪرڻ کان اڳ اوهان کي گذارش آهي ته جن جي کل ڀوڳ کي زنگ لڳي چڪو آهي اهي تيل ڳئاين يا وري منهنجي چينل کي سبسڪرائب ڪن. سندس چوڻ هو ته سندن مواد رڳو سندن پرستارن لاءِ آهي ٻيا ماڻهو يوٽيوب تي موجود ٻين چينلز تي وڃي پنهنجو وقت ضايع ڪن. نيوز بليٽن جي شروعات ۾ اداڪارا ترڪ سيريز ارطغرل غازي جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته اسان جي قوم هن سيريز مان رڳو ارطغرل غازي، ارطغرل نسوار، ارطغرل سروس اسٽيشن جهڙا ٻيا نالا رکڻ سکيو آهي. هن چيو ته پاڪستاني هن سيريز مان ٻيو ڪجهه سکن نه سکن پر 2020ع ۾ پاڪستان جي هر گهر ۾ هڪ ارطغرل خان، ارطغرل ڀٽي، ارطغرل شيخ، ارطغرل وڙائچ ۽ اهڙي قسم جا ٻيا نالا ملڻ جا امڪان آهن. اداڪارا عمر اڪمل جي سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ ڪندڙ مزاحيه پوسٽ کي ڊرامن جي لسٽ ۾ پنجون نمبر ڏنو، ميرا جي نيو يارڪ مان وزيراعظم ڏانهن وطن واپس اچي مرڻ واري وڊيو پيغام کي چوٿون نمبر ڏنو.

Bookmark the permalink.