تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

شوبز شخصيتون ”حليمان سلطان“ کي پاڪستاني برانڊ جو سفير مقرر ڪرڻ تي ڪاوڙيل

ڪيو موبائيل 12 جولاءِ تي ايسرا بلگچ کي برينڊ ايمبيسڊر مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) هلندڙ سال اپريل ۾ پاڪستان ٽي لي وزن تي نشر ٿيل ترڪ ڊرامي ارطغرل غازي کي سرڪاري ٽي وي تي هلائڻ تي به شوبز ۽ سياسي شخصيتن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو. انهن ۾ اداڪار ياسر حسين به شامل هو. ڊرامي جي اداڪارا ايسرا بلگچ جي شهرت کي ڏسندي ڪجهه پاڪستاني برانڊز اداڪارا سان ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار به ڪيو هو جنهن جو انڪشاف پاڻ اداڪارا هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ ڪيو هو. اهو خيال هو ته ايسرا بلگچ کي جلد ئي پشاور زلمي جو برينڊ ايمبيسڊر مقرر ڪيو ويندو جڏهن ته ڪرڪيٽ ٽيم جي اعلان کان اڳ ئي مشهور چيني موبائيل ڪمپني ڪيو اداڪارا کي پاڪستان ۾ سفير مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪيو موبائل 12 جولاءِ تي پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ تصديق ڪئي ته ڪمپني ترڪ اداڪارا کي پنهنجو برينڊ ايمبيسڊر مقرر ڪيو آهي. اداڪارا کي سفير مقرر ڪرڻ کانپوءِ جتي سندس مداح خوش نظر آيا ته اتي ڪجهه پاڪستاني شوبز ستارا اهڙي فيصلي تي ڪاوڙل به آهن ۽ سڀ کان وڌيڪ اداڪار ياسر حسين ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. ياسر حسين مداحن کان سوال ڪيو ته ڇا کين لڳي ٿو ته پاڪستاني برينڊ جي سفير پاڪستاني اداڪارا ئي هجڻ گهرجي؟ نه ڀارتي، نه ترڪش، گڏوگڏ هن پاڪستان زنده باد جو نعرو به لڳايو. هن پنهنجي هڪ ٻي اسٽوري ۾ لکيو ته ڇا ماهرا، صبا، سونيا، منال، ايمن، امر زارا، هانيا، ثنا، يمنيٰ، ارمينا، سارا ۽ حرا مان ڪا به ان قابل ناهي ته هو پاڪستاني برينڊ جي ايمبسڊر بڻجي سگهي؟ ياسر حسين وري پاڪستان زنده باد جو نعرو لڳائيندي مداحن تي زور ڀريو ته هو پاڪستاني اداڪارن کي سپورٽ ڪن. هن پنهنجي اسٽوري ۾ وضاحت ڪئي ته هن زال جو نالو ڇو نه لکيو، هو اڳ ئي هڪ موبائيل برينڊ جي سفير آهي. ياسر حسين طرفان ترڪ اداڪارا کي پاڪستاني برينڊ جي سفير مقرر ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار واريون اسٽوريز کي اداڪارا ايمن خان ۽ منال خان به سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو. ايمن ياسر حسين سان اتفاق ڪيو جڏهن ته منال خان جو چوڻ هو ته ياسر ٺيڪ چئي رهيو آهي پر ڪجهه ماڻهو کيس ضرور غلط ثابت ڪندا. 

Bookmark the permalink.