تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

شلپا شيٽي جو ٽڪ ٽاڪ وڊيو ۾ مڙس کي ڪٽڪو

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ڀارتي فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪارا شلپا شيٽي پنهنجي مڙس راج ڪندرا ۽ پٽ ويان سان لاڪ ڊائون دوران ٽڪ ٽاڪ تي مزاحيا وڊيوز ٺاهي ٿي ۽ انسٽاگرام تي شيئر به ڪري ٿي. گذريل ڏينهن اداڪارا ٽڪ ٽاڪ وڊيو جاري ڪئي آهي جنهن ۾ راج ڪندرا سندس مڙس جو ڪردار ادا ڪيو آهي جڏهن ته هو پاڻ ٻٽي ڪردار ۾ نظر اچي رهي آهي، هڪ ڪردار زال جو ۽ ٻيو گهر ۾ ڪم ڪندڙ عورت جو. اداڪارا لکيو ته نظر هٽڻ تي سچائي جو پتو ۽ مڙس کي ڪٽڪو مليو. هن وڌيڪ لکيو ته هي اهي شيون آهن جيڪي اوهان کي تفريح فراهم ڪرڻ لاءِ ڪريون ٿا.

Bookmark the permalink.