تازا ترين
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

شادي کان اڳ محبت ۽ ملاقاتن تي يقين نٿي رکان: نيلم منير

اهڙا ماڻهو پسند آهن جيڪي پنهنجن ۽ ٻين جي والدين جي عزت ڪرڻ ڄاڻين ٿا

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) دل موم ڪا ديا جي اداڪارا نيلم منير ڊرامن ۽ فلمن ۾ بولڊ ڪردار ڪندي نظر اچي ٿي پر حقيقي زندگي ۾ هو شادي کان اڳ ڪنهن جي محبت ۽ ملاقاتن تي يقين نٿي رکي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب نيلم منير فوشيا ميگزين کي ڏنل انٽرويو ۾ شادي، آئيڊيل شريڪ حيات، محبت ۽ زندگي سميت ڪيريئر ۽ معاشري بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ اهو به ٻڌايو آهي ته هو ڪهڙي قسم جي شخص سان شادي ڪرڻ چاهيندي. هن چي ته کيس اهڙا ماڻهو پسند آهن جيڪي پنهنجي گهرڀاتين جي عزت ڪن. نيلم منير موجب جيڪو شخص پنهنجي والده سميت ڪٽنب جي ٻين ماڻهن ۽ سندس والده سميت ٻين گهرڀاتين جي عزت ڪري ٿو کيس اهي ماڻهو پسند آهن. هن چيو ته شادي کان اڳ هو ڪنهن قسم جي ملاقاتن ۽ محبت تي يقين نٿي رکي ڇو ته سندس خيال ۾ اهو عجيب معاملو آهي ته شادي کان اڳ ڇوڪري ڪنهن لاءِ پاڻ سينگاري ۽ کيس تيار ٿيڻو پوي. اداڪارا وضاحت ڪئي ته شادي کانپوءِ سڀ ڪجهه ٿئي ٿو پر شادي کان اڳ محبت تي يقين نٿي رکان. هن وڌيڪ چيو ته انسان جي ڳالهائڻ ۽ هلڻ چلڻ وارو انداز ئي ان جي شخصيت کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته خاص طور ناريون ڪنهن به شخص سان ملندي وقت ان سان ڳالهائڻ جي انداز، اٿڻ، ويهڻ ۽ هلڻ سان ئي انهن جي شخصيت جو اندازو لڳائين ٿيون. مان ڪنهن مرد جي شخصيت جاچڻ لاءِ ان کي گهوري نه ڏسندي آهيان پر سندس ڳالهائڻ جي انداز، اٿڻ ويهڻ ۽ هلڻ واري انداز سان ئي پتو پئجي ويندو آهي. هن پنهنجي مرد مداحن کي صلاح ڏيندي چيو ته هو هو سٺي کان سٺي جي ڳولا ۾ ڪڏهن معصوم شخصيتن کي نه وڄائين، اهڙن ماڻهن کي گهرجي ته هو دارالامان ۽ ايڌي سينٽرز وڃي تيم نارين سان شاديون ڪري انهن جي زندگين لاءِ سٺو ڪن. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو ڀاءُ هجي ها ته هو کيس اها ئي صلاح ڏئي ها ته دارالامان جي ڪنهن يتيم ناري سان شادي ڪري ان جو سهارو بڻجي.

Bookmark the permalink.