تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

سکر ۾ وظيفو نه ملڻ خلاف فنڪارن جو ڳائي وڄائي احتجاج

سکر(بيورو رپورٽ) لاڪ ڊائون سبب بيروزگار ٿيل فنڪارن وظيفو نه ملڻ خلاف پريس ڪلب آڏو ڳائي وڄائي احتجاجي مظاهرو ڪيو. فنڪارن ۽ سازندن سکر پريس ڪلب آڏو ثقافت کاتي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. احتجاج ۾ سکر، خيرپور، گهوٽڪي سميت ٻين علائقن جي متاثرن شرڪت ڪئي. اِن موقعي تي غلام شبير سمون، جلال جوڳي، الستي فقير، بابو مستوئي، ديدار سمون، ماسٽر فتح، شعبان سمون، فياض سنديلو، پروين گل، ڪرن ناز ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اهي لاڪ ڊائون سبب بيروزگار ٿي ويا آهن. ثقافت کاتي پاران جاري ڪيل وظيفي واري رقمآسا چيئرمين عبدالغفور سومرو پنهنجي من پسند سازندن ۽ فنڪارن ۾ ورهائي آهي ۽ حقدارن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري هو سخت مالي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. هنن ثقافت کاتي جي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته هر ضلعي اندر ڊپٽي ڪمشنرن جي نگراني هيٺ وظيفو تقسيم ڪيو وڃي. ٻئي طرف آسا چيئرمين استاد عبدالغفور سومري رابطو ڪرڻ تي چيو ته چيڪن جي ورهاست ۾ سندس تنظيم جو ڪو به عمل دخل ناهي، هڪ سازش تحت منهنجي خلاف پروپگينڊا ڪئي پئي وڃي.

Bookmark the permalink.