تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

سيف علي خان پيسي ۽ شهرت جي لالچ ختم ڪري ڇڏي:ڪرينا

ڪراچي ( انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ ) ڀارتي اداڪارا ڪرينا ڪپور انڪشاف ڪيو آهي ته سندس مڙس نواب سيف علي خان سندس هميشه پيسي ڪاميابي ۽ شهرت پٺيان ڀڄڻ واري عادت تبديل ڪري ڇڏي آهي ڪرينا ڪپور پنهنجي شوبز انڊسٽري ۾ 20 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي ٻڌايو ته 2012ع ۾ سندس مڙس ڀارتي هيرو سيف علي خان کي فلم تلاش ۾ اهم ڪردار آڇ ڪيو ويو هو جيڪو هن ٺڪرائي ڇڏيو هو ڪرينا ڪپور چيو ته کيس سيف جي اهڙي فيصلي پريشان ڪري ڇڏيو هو شايد هو ان وقت ڪمرشل فلمن تي ڌيان ڏيڻ جو خواهشمند هو هن چيو ته هن تلاش فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي ان وقت هامي ڀري جڏهن عامر خان فلم ۾ مک ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ها ڪئي هن فلم تلاش ۾ پنهنجي اداڪاري کي پنهنجو بهترين ڪم قرار ڏنو هن چيو ته پاڻ سان خوش رهڻ ۽ هميشه پيسي ڪاميابي ۽ شهرت پٺيان نه ڀڄڻ هن سيف وٽان سکيو آهي

Bookmark the permalink.