تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

سيد نور کي ارطغرل غازي نه وڻيو: رڳو ٻه قسطون ڏٺيون: اداڪار

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينيئر هدايتڪار سيد نور کي جڳ مشهور ترڪ سيريز ارطغرل غازي متاثر ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. سيد نور اردو ۾ ڊب ٿي سرڪاري ٽي وي تي نشر ڪيل ترڪ سيريز بابت چيو آهي ته کيس اها سيريز صفا نه وڻي، ٻه قسطو ڏسڻ کانپوءِ اڳتي نه ڏٺي. هن چيو ته ٻن قسطن ۾ ئي ارطغرل غازي مون کي نه وڻيو ۽ اڳتي نه ڏٺو. هن چيو ته هڪ سال اڳ هن اها سيريز نيٽ فليڪس تي ڏسڻ شروع ڪئي هئي پر اڻ پوري ڇڏي ڌني. هن چيو ته ڊرامي ۾ وٽس چار گهوڙا آهن جيڪي ڊوڙيندا پيا وڃن هڪ پاسي به ساڳيا گهوڙا آهن ته ٻئي به ساڳيا گهوڙا آهن.

Bookmark the permalink.