تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

سونيا حسين مداحن کي اس جا فائدا ٻڌائي ڇڏيا

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا سونيا حسين انسٽاگرام تي اس ۾ ورتل پنهنجي تصوير شيئر ڪندي پنهنجي مداحن کي صبح جي اس جي فائدن بابت ٻڌايو آهي. انسٽاگرام تي شيئر ڪيل تصوير سان سونيا حسين پنهنجي مداحن کي صلاح ڏني آهي ته وبائي بيماري هجي يا نه پر اوهان صبح جو اس وٺڻ نه وساريو. سونيا حسين لکيو ته مون کي خبر ناهي ته اس وائرس جو خاتمو ڪري سگهي ٿي يا نه پر صحت جي عالمي ادارو ان ڳالهه تي اتفاق ڪري ٿو ته آئيسوليشن دوران اس وٺڻ سان اسان تي هاڪاري اثر پون ٿا. هن فائدن بابت لکيو ته صبح جي اس سان اسان جي جسم ۾ رت جي گردش وڌي ٿي. جسم کي نقصان پهچائيندڙ جيوڙا مري وڃن ٿا. وٽامن ڊي ملي ٿو جيڪو اوهان کي پرسڪون ننڊ فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو، ڪمزور هڏين کي مضبوطي ملي ٿي، مدافعاتي نظام به مضبوط ٿئي ٿو.

Bookmark the permalink.