تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

سونيا حسين غريبن جي مدد لاءِ اڳڀري، ٻين کي به نيڪي جي ڪم جي دعوت ڏئي ڇڏي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا سونيا حسين مستحق ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاءِ راشن بيگز تيار ڪري ورتا آهن. انسٽاگرام تي هن راشن بيگز جي وڊيو شيئر ڪئي آهي گڏوگڏ هن مداحن کي هڪ پيغام ۾ لکيو آهي ته هر سال رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ هر هڪ شخص پنهنجي حيثيت موجب مستحق ڀائرن جي مدد ڪري ٿو پر هن ڀيري لاڪ ڊائون سبب گهڻا ماڻهو مالي مسئلن جو شڪار آهن. سونيا چيو ته مون کي لڳي ٿو ته هي وقت ماڻهن جي مدد لاءِ بهترين موقعو آهي. مان هڪ ننڍڙي نيڪي جو سچيو آهي ۽ راشن بيگز تيار ڪيا آهن، راشن ورهائيندي ان ڳالهه جو خيال رکو ته ڪنهن جي عزت نفس کي ڇيهو نه رسي، اوهان اهو ڪم لڪي ڇپي به ڪري سگهو ٿا. هن چيو ته غربت جو شڪار ماڻهن جو انگ گهڻو آهي، سندن مدد ڪرڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.