تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

سوناڪشي پاران مداحن کي اسپتالن لاءِ فنڊ ڏيڻ جي اپيل

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا سوناڪشي سنها مداحن کي اپيل ڪئي آهي ته هو انهن جي مدد ڪن جيڪي سندن مدد ڪري رهيا آهن. گذريل ڏينهن اداڪارا سوناڪشي سنها انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته اچو ته گڏجي انهن جي مدد ڪريون جيڪي اسان جي مدد ڪري رهيا آهن ۽ فرنٽ لائين تي وڙهي رهيا آهن. هن مداحن کي اپيل ڪئي ته هو اسپتالن بابت قائم ڪيل فنڊ ۾ رقم جمع ڪرائين جيئن جن اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ آهي انهن کي پورو ڪري سگهجي. اداڪارا جو چوڻ هو ته اسين گڏجي هن وبا ڪووڊ-19 کي منهن ڏئي سگهون ٿا. واضح رهي ته ان کان اڳ به اداڪارا هڪ وڊيو پيغام ۾ لاڪ ڊائون دوران مداحن کي گهرن ۾ رهڻ تي زور ڏنو هو.

Bookmark the permalink.