تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

سوشانت سڙڪ 2 ۾ اداڪاري جو خواهشمند هو: مهيش ڀٽ

نئين دهلي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سوشانت سنگهه راجپوت جي آپگهات جي جاچ جاري آهي ۽ فلم ساز مهيش ڀٽ به ان سلسلي ۾ اڄ پوليس وٽ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو آهي. مهيش ڀٽ پوليس کي ٻڌايو ته هن سوشانت سنگهه راجپوت سان رڳو 2 ڀيرا ملاقات ڪئي پهريان ملاقات 2018ع ۽ ٻي فيبروري 2020 ۾ ٿي هئي. مهيش ڀٽ موجب سندس فليٽ تي ويو هيس ڪتاب ۽ يوٽيوب چينل کولڻ بابت ڳالهيون ٿيون هيون. هن انڪشاف ڪيو ته سوشانت سنگهه فلم سڙڪ 2 ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو خواهشمند هو هن ان حوالي سان ڪو فيصلو نه ڪيو هو ته سوشانت کي ڪاسٽ ڪجي يا نه. کيس سڙڪ 2 جي مک ڪردار لاءِ ڪاسٽ نه ڪيو ويو.
ڇو ته فلم پهريون ڀيرو فلم جي هيرو سنجي دت سان ئي ٺاهڻي هئي.

Bookmark the permalink.