تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

سوشانت جي موت جا ذميوار اسان نه آهيون: سونم ڪپور

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) 14 جون تي آپگهات ڪندڙ بالي ووڊ جي اڀرندڙ اداڪار سوشانت سنگهه راجپوت جي موت جو ذميوار بالي ووڊ ۾ پنهنجا نوازي کي ڏنو پيو وڃي ان حوالي سان سونم ڪپور پاڻ تي لڳايل سمورا الزام رد ڪندي آواز اٿاريو آهي. سونم ڪپور الزامن خلاف آواز اٿاريندي چيو ته اڄ اسان جيڪي ڪجهه آهيون جتي به آهيون پنهنجي محنت سان آهيون، اسان جي خلاف غلط ڳالهيون ڪرڻ ۽ اسان تي الزام لڳائڻ بند ڪيا وڃن. هن چيو ته سوشانت جي موت جو ذميوار سندس گرل فرينڊ، اڳوڻي گرل فرينڊ ۽ سندس گهرڀاتين يا ڪنهن دوست کي قرار ڏيڻ سراسر غلط آهي.

Bookmark the permalink.