تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… فواد چوڌري جي بيان مان لڳي ٿو ته عمران سرڪار وڃڻ واري آهي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وفاقي وزير فواد چوڌري بيان ڏنو آهي ته “وزيراعظم عمران خان خبردار ڪري ڇڏيو آهي ته اسان وٽ 6 مهينا آهن وزيرن جيڪڏهن ڪارڪردگي نه ڏيکاري ته معاملو ٻئي پاسي هليو ويندو” اوهان ان بيان کي ڪيئن ٿا ڏسو جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت عوامي اميدن تي پوري ناهي لٿي، وزيراعظم عمران خان عوام سان جيڪي واعدا ڪيا هئا انهن تي عمل ناهي ڪيو ويو تنهن ڪري وزيراعظم به سمجهي ٿو ته جيڪڏهن اڃا ڪجهه نه ڪيو ته حڪومت وڃي سگهي ٿي، تنهن ڪري هن وزيرن کي خبردار ڪيو آهي، فواد چوڌري جي بيان مان لڳي ٿو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت جا ڏينهن پورا ٿي چڪا آهن. سوال/سروي جي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي رسول بخش لکيو ته وزير اعظم ۽ سندس وزيرن جي خراب ڪارڪردگي سبب خبردار ڪيو ويو، شايد ٻيو سياسي آپشن موجود آھي اھو ان طريقي سان ڏسي سگهجي ٿو ته مينگل جو ناراض ٿيڻ، آصف زرداري جو ايڪٽو ٿيڻـ مطلب ھاڻي لڳي ائين ٿو ته شيون تبديل ٿيڻ وڃن پيون ، سارنگ منير سومرو لکيو ته وزير اعظم خبردار ڪري يا نه پي ٽي آءِ سرڪار جي ڪارڪردگي اھڙي ئي رھندي جيڪا ڪارڪردگي رهي آهي، اختيار علي لکيو ته فواد چوڌري جي بيان تي وزيراعظم جو رد عمل ۽ پي ٽي آءِ سرڪار ۾ ڦھليل اندوري ويڙھه مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته شايد سرڪار وڏي مشڪل سان ھلي سگھي ٻئي طرف آصف زرداري جو اوچتو بيان به عمران سرڪار لاءِ سٺو سئوڻ ناهي، ضمير انصاري لکيو ته تبديلي جو اشارو آهي، قادر بخش شر لکيو ته فواد چوڌري جو بيان حقيقي ۽ دل مان نڪرندڙ هڪ سچ آھي جيڪو عمران خان جي نااهلي جو هڪ وڏو ثبوت آھي، عبدالله جروار لکيو ته هن حڪومت جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ رهي آهي. ڪو سڌاري جو امڪان نظر نٿو اچي، زوهيب جيهو لکيو ته جڏھن کان اسان جي ملڪ اندر مفاھمتي سياست ۽ مفادپرست سياست جو آغاز ٿيو آھي ته ھر روز اھڙا بيان،اھڙا انڪشافات معمول بڻيل آھن هر روز ڪو نه ڪو پنڊوراباڪس کولي رهيو آهي، سعيد احمد چاچڙ لکيو ته فواد چوڌري جي ڳالهه ۾ ڪوبه وزن ناھي ڇو ته فواد چوڌري اڳ ۾ اھڙا ڪئي بيان ڏيندو رھيو آھي. رحمت الله ميراڻي لکيو ته فواد چوڌري سمجھي ٿو ٻن سالن ۾ سندس حڪومت ڪجهه به ناهي ڪيو ھن وبائي صورتحال ۾ به حڪومت جي پاليسي ناڪام وئي آھي تڏھن ھي سمجھن ٿا ته حڪومت جا آخري پساھه ٿي سگھن ٿا، نوشاد خاصخيلي لکيو ته فواد چوڌري جي بيان مان لڳي ٿو ته رڌڻي ۾ رولو ضرور آھي، ڇاڪاڻ ته عمران سرڪار جي خراب ڪارڪردگي عوام آڏو آھي، ايڊووڪيٽ سنيل لکيو ته فواد چوڌري موجود سياسي وايو منڊل کي ڏسي رهيو آهي تنهن ڪري اهڙا بيان ڏئي رهيو آهي، صبغت الله رند لکيو ته وزيراعظم عمران خان گذريل ٻن سالن ۾ ڪا به ڪارڪردگي نه ڏيکاري ۽ نه ئي ڪيل وعدا پورا ڪيا. حالتون ائين ٿيون ٻڌائن ته قرباني واري عيد کان اڳ عمران سرڪار لاءِ ڪجهه ٿي سگهي ٿو، علي حيدر لکيو ته هن حڪومت جي ڪارڪردگي زيرو رهي آهي، نديم مهر لکيو ته وزير اعظم ته وارننگ شروع ۾ جاري ڪئي هئي پر پوءِ به نتيجا نه ملي سگهيا ڇھن مھينن ۾ ڪي بھتر نتيجا مليا يا سٺي تبديلي آئي ته بهتر هوندو، آفتاب چانڊيو لکيو ته عمران خان سياسي طور نابالغ آھي جيڪو نه عوام جي اميدن تي پورو لٿو آھي نه ئي عوام جي بھتري لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪيو آھي، نصير حيدر لکيو ته فواد چوڌري پارٽي اندر هڪ نئون پينڊاوارباڪس کولي ڇڏيو آهي فواد جي هن انڪشاف سان پارٽي کي اندروني ڌڪ رسندو،اسٽيبلشمينٽ به وفاقي سرڪار کان ناخوش آهي، سرمد ميراڻي لکيو ته اھو بيان حڪومتي ڌر ۾ اندروني ڀڃ ڊاهه جو اشارو آهي، فواد چوڌري کي جلد ئي وزارت نه پرَ پارٽي مٽائڻي پوندي. فضل بلوچ لکيو ته عمران خان کي پنهنجن مان لڳي آهي ان کي گهنٽي وڄندي نظر اچي پئي، شاهجهان کوسو لکيو ته 6 مهينا به فواد چوڌري چوي ٿو حڪومت ڇھه مهينا هلڻ جي پوزيشن ۾ به ناهي، غلام حيدر لکيو ته فواد چالاڪ آهي، آصف علي منگي لکيو ته عمران خان پنهنجي حڪومت ۾ عوام کي فائدو ڏيندو، عبدالستار شر لکيو ته فواد چوڌري سچو ماڻھو آهي، محبتي مڪيش لکيو ته حڪومت جي اڳڪٿي ٿي چڪي آهي ڏسون ٿا ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي، گلزار درس لکيو ته عوام عمران خان مان بيزار آهي کيس گهر ڀيڙو ڪري سگهن ٿا، عمران شر لکيو ته وزير اعظم کي پھريان ئي خبر آهي ته گذاريل ٻن سالن ۾ عوام سان ڪيل ھڪ واعدو به پورو ناهي ڪيو، مسرور شر لکيو ته عمران خان عوام سان ڪيل واعدا پورا ناهن ڪيا، ذاڪر احمد لکيو ته هتي ڪو به عوام سان سچو ناهي، رزاق مستوئي لکيو ته کيس خبردار ڪيو اٿن، حمير خان لکيو ته جڏهن کان عمران خان وزير اعظم ٿيو آهي ڪا چڱي خبر ڪانه ٻڌي آهي، غلام مصطفيٰ لکيو ته فواد چوڌري جو بيان اهميت رکي ٿو، اعجاز خاصخيلي لکيو ته وزيراعظم جي ڪارڪردگي وائکي ٿي چڪي آهي، سليم اختر لکيو ته سچ پچ ته عوام جون جيڪي اميدون ھيون ان تي تحريڪ انصاف جي حڪومت پوري ناهي لھي سگهي، جي مصطفيٰ بلوچ، ڊي ڪي بلوچ، محمد طاهر جتوئي، غفور جروار، راجا رميش، سجاد علي حاجاڻو پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.

Bookmark the permalink.