تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

سهيل اصغر جي مداحن کي دعائن جي اپيل

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان جي ليجنڊري اداڪار سهيل اصغر مداحن کان پنهنجي معدي جي ڪامياب سرجري لاءِ دعا جي اپيل ڪئي آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ فيس بڪ تي پاڪستاني ٽي وي ليجنڊري اداڪار سهيل اصغر اسپتال ۾ ورتل پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ ان ڳالهه جو انڪشاف ٿيو ته سهيل اصغر معدي جي سرجري سبب اسپتال ۾ داخل آهي. سهيل اصغر پنهنجي مداحن، دوستن ۽ گهرڀاتين کي مخاطب ڪندي چيو ته الله تعاليٰ هميشه مون سان گڏ آهي ۽ مان الله جي معجزن تي پختو يقين رکان ٿو.

سهيل اصغر لکيو ته هو دعائن جي طاقت تي به يقين رکي ٿو. اداڪار لکيو ته منهنجي معدي جي سرجري آهي، اڄ مون کي اوهان سڀني جي دعائن جي ضرورت آهي.

Bookmark the permalink.