تازا ترين
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*
  • *ڏهرڪي ۾شهرين ۽ استادن جو اسڪول کولرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو *پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاج ۾سياسي سماجي ڪارڪن شريڪ *سنڌ جا اسڪول بند ڪري تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي: ڄام فتاح سميجو *7 مهينا اسڪول بند رهيا، حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي اسڪول کولرائي: مطالبو*
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

سنڌ جي مشهور فنڪار حسين قادري جي وڇوڙي کي سال مڪمل، اڄ ورسي ملهائي ويندي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) سنڌ جي ملوڪ اداڪار حسين قادري جي وڇوڙي کي سال مڪمل، پهرين ورسي اڄ سادگي سان ملهائي ويندي. خبر موجب سنڌ جي ناليواري اداڪار، صداڪار ۽ فنڪار حسين قادري جي وڇوڙي کي هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي. ٽي وي ۽ اسٽيج جي سوين ڊرامن ۾ مک ڪردار ادا ڪندڙ حسين قادري جي پٽ فرقان قادري موجب بابا حسين قادري جي پهرين ورسي ڪورونا وائرس سبب سادگي سان ملهائي ويندي. حسين قادري ٽي وي ۽ اسٽيج جي سوين ڊرامن ۾ مک ڪردار ادا ڪيا ۽ ريڊيو جي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ صداڪاري ۽ ڪمپيئرنگ ڪئي. حسين قادري لاڙڪاڻي ۾ اسٽيج ڊرامن کان پنهنجي فني سفر جي شروعات ڪئي جڏهن ته 1977ع کان پي ٽي وي جي ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. اداڪار حسين قادري پنهنجي فني ڪيريئر ۾ ڪيترائي لازوال ڪردار ادا ڪيا. سنڌ جو هي صدا ملوڪ ۽ کلڻو اداڪار دل جو دورو پوڻ سبب 63 ورهين جي ڄمار ۾ حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

Bookmark the permalink.