تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

سنجي دت جي بيماري: بالي ووڊ جا 735 ڪروڙ داءَ تي لڳل

ممبئي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) بالي ووڊ بابت سنجي دت جي حوالي سان خبرون آهن ته کيس ٽئين يا چوٿين درجي جو ڪينسر آهي. سنجي دت جي بيمار ٿيڻ سان ڪيترن ئي فلمسزن کي پنهنجين ايندڙ فلمن جي ڳڻتي آهي ڇو ته سنجو بابا گهٽ ۾ گهٽ 6 ايندڙ فلمن ۾ ايڪشن ڏيکارڻ وارو هو. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب سنجي دت سڙڪ 2 سميت ٻين فلمن ۾ جوهر ڏيکاري رهيو هو انهن مان ٻه فلمون رليز لاءِ تيار آهن. رپورٽ موجب مجموعي طور تي سنجي دت جي ايندڙ فلمن تي بالي ووڊ فلم سازن 735 ڪروڙ رپيا لڳايا آهن ۽ سندس بيماري کانپوءِ فلم ساز پريشان آهن ته سندن فلمن جو ڇا ٿيندو؟ سنجي دت جون فلمون شمشيرا، پرٿوي راج ۽ ڪي جي ايف چيپٽر 2 فلمن جي شوٽنگ به آخري مرحلي ۾ هئي جڏهن ته هنن فلمن ۾ سنجي دت جو ڪردار انتهائي اهم آهي. سڀني فلمن تي فلمسازن وڏي رقم خرچ ڪئي آهي.

Bookmark the permalink.