تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

سماجي وٿي: آمريڪا جي ريسٽورينٽ ڪرسين تي مجسما ويهاري ڇڏيا!

بيجنگ (دلچسپ نيوز) چين مان پکڙيل خطرناڪ ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا ۾ عوامي ماڳ، ريسٽورينٽس ۽ شاپنگ سينٽرز بند آهن. ڪورونا وائرس جي پکيڙ کان بچڻ لاءِ ماڻهو پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ موجود آهن ۽ هاڻي هو زندگي بحال ٿيڻ لڳي آهي ۽ ماڻهو ريسٽورينٽس ۾ کاڌو کائڻ کي ياد ڪرڻ لڳا آهن. ڪيترن ئي ملڪن ۾ سماجي وٿي بابت احتياط سان لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪندي ريسٽورينٽس ۽ ٻيا دڪان کولڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. هيل تائين آمريڪا جي هڪ ريسٽورينٽ جي ٽيبلز تي 1940ع جا اسٽائل وارا مجسما رکيا ويا آهن اهڙو عمل ريسٽورينٽ کلڻ کانپوءِ سماجي وٿي برقرار رکڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. ريسٽورينٽ مالڪ جو چوڻ آهي ته لاڪ ڊائون ۾ نرمي کانپوءِ اسان هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو ريسٽورينٽ کولي رهيا آهن ۽ هن وقت سماجي وٿي جو خيال رکندي اسان هتي مجسما به رکيا آهن ته جيئن انهن جي ڪري ماڻهو هڪ ٻئي کان پري ويهي سگهن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هن وقت ماڻهن کي ٻاهر نڪرڻ ۽ هڪ ٻئي سان ويهي کاڌو کائڻ جي دل چئي رهي آهي ۽ ان ڏس ۾ مجسما ماڻهن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. خيال رهي ته ان کان اڳ سوئڊن ۾ سماجي وٿي تي خاص عمل ڪندي هڪ ريسٽورينٽ کوليو ويو آهي جنهن ۾ هڪ ڏينهن ۾ رڳو هڪ ئي شخص کاڌو کائي سگهي ٿو ۽ اتي ويهڻ لاءِ رڳو هڪ ئي ٽيبل رکي وئي آهي. ان کانسواءِ ايمسٽرڊيم، ارنهم، رنساتير، واشنگٽن، ٽوڪيو، بنڪاڪ، زينگزو ۽ ميلان ۾ به ريسٽورينٽس پاران انوکا طريقا اختيار ڪيا ويا آهن جن ۾ هڪ اهو طريقو به شامل آهي ته هڪ ٽيبل تي ٻن ماڻهن جي وچ ۾ شيشو لڳايو ويو آهي هو هڪ ٻئي کي شيشي مان ڏسي ته سگهن ٿا ته پر هڪ ٻئي کي ڇهي نٿا سگهن پنهنجو ڌار ڌار کاڌو هڪ ئي ٽيبل تي ويهي کائي سگهن ٿا. ريسٽورينٽس ائين احتياطي اپائن تحت ڪري رهيا آهن.

Bookmark the permalink.