تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

سلينا گومز جو مداحن لاءِ “آئيسوليشن ڪوڪنگ شو”

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ڪورونا وائرس سبب رڳو عام ماڻهو ئي نه پر سڄي دنيا جون مشهور شخصيتون به پنهنجن گهرن تائين محدود آهن جڏهن ته ان دوران به انٽرٽينمينٽ انڊسٽري سان واسطو رکندڙ ستارا پنهنجي مداحن کي محظوظ ڪرڻ لاءِ نوان نوان طريقا ڳولي رهيا آهن. ان ڏس ۾ آمريڪا جي نوجوان ڳائڻي سلينا گومز به پنهنجي مداحن لاءِ هڪ نئين پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهي آهي. نجي خابرو اداري موجب ڳائڻي ۽ اداڪارا آئيسوليشن ڪوڪنگ شو تي ڪم ڪري رهي آهي. ايچ بي او ميڪس اسٽريمنگ سروس لاءِ 10 قسطن تي ٻڌل هن سيريز ۾ سلينا گومز مداحن کي پنهنجي گهر ۾ نوان نوان کاڌا پڌائڻ سيکاريندي. خيال رهي ته تازو ڳائڻي پنهنجي هڪ انٽريو ۾ چيو هو ته هو آئيسوليشن دوران پنهنجو گهڻي کان گهڻو وقت بورچي خاني ۾ گذاريندي ۽ هاڻي هو اهڙي سيريز به تيار ڪري رهي آهي جنهن جي هو ايگزيڪٽو پروڊيوسر به آهي. رپورٽ موجب هيل تائين هن سيريز جو نالو ناهي ٻڌايو ويو جڏهن ته اداڪارا جلد ان جي نالي جو به اعلان ڪندي. سيريز جي حوالي سان سلينا گومز چيو ته سڀني کي خبر آهي ته هو کاڌي جي شوقين آهي.

Bookmark the permalink.