تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

سلينا جو ذهني مرضن جي علاج لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ جو اعلان

واشنگٽن (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ڳائڻي ۽ اداڪارا سلينا گومز پنهنجي ميڪ اپ شيون ٺاهيندڙ ڪمپني ريئر بيوٽي ذريعي ايندڙ ڏهه سالن لاءِ ذهني مرضن جي علاج ۽ خدمتن لاءِ 100 ملين ڊالر فنڊ گڏ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن اهڙي فنڊ کي ريئر امپيڪٽ فنڊ جو نالو ڏنو آهي جيڪو سلينا جي 28هين سالگرهه جي موقعي تي گذرلي مهيني قائم ڪيو ويو آهي. اعلان تحت ڪمپني جي هر سال سيل جو هڪ سيڪڙو فنڊ ۾ ويندو ان لاءِ ڀائيوارن جي به آجيان ڪئي ويندي. سلينا پنهنجي ميڪ اپ اينڊ بيوٽي پراڊڪٽس ٺاهيندڙ ڪمپني هلندڙ سال فيبروري ۾ قائم ڪئي هئي.

Bookmark the permalink.