تازا ترين
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*
  • *گھارو ويجھو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب پيرسن فوت *سيد فارم ھائوس تي پاڻي جي موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب55 ورهين جو صفدر شاهه فوت ٿي ويو* پيرسن جو لاش رورل ھيلٿ سينٽر مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو*
  • *مبارڪپور ۾ چوري ڪندي 2 چور سوگها،مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ چنڪي واھ تي چورن افغان مهر جي گهر کي کاٽ ھنيو ته ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا *ڳوٺاڻن ساجد ڀٽو ۽ ثناءُالله جعفري کي مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو *مبارڪپور پوليس پھچي ٻن چورن ساجد ڀٽو ۽ ثناءُ الله جعفري کي گرفتار ڪري ورتو*

سلمان خان جي قتل جي منصوبابندي: 4 شارپ شوٽرز گرفتار

فريد آباد پوليس بشنوئي گينگ جي چئن جوابدارن کي سلمان خان جي قتل جي منصوبابندي جي الزام ۾ گرفتار ڪيو

نئين دهلي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ڀارت جي مشهور اداڪار سلمان خان جي قتل جي منصوبابندي جي الزام ۾ چئن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڀارتي اخبار هندستان ٽائمز جي ٽويٽر هينڊل تي هڪ وڊيو ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فريد آباد پوليس چئن جوابدارن کي ڀارتي اداڪار سلمان خان جي قتل جي منصوبابندي جي الزام ۾ گرفتار ڪيو آهي. پوليس جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته هي چارئي شارپ شوٽرز لارنس بشنوئي گينگ سان لاڳاپيل آهن. فريد آباد پوليس طرفان هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن وٽان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن. پوليس موجب چئن مان هڪ جوابدار سلمان خان جي گهر ٻاهران ريڪي ڪري رهيو هو. ڊي سي پي فريدآباد راجيش دوگل ميڊيا کي ٻڌايو ته پڇا ڳاڇا دوران هڪ جوابدار ٻڌايو آهي ته لارنس بشنوئي کيس سلمان خان جي ريڪي لاءِ موڪليو هو. هن چيو ته جوابدار اهو ٻڌايو آهي ته ڪاري هرڻ واري ڪيس ۾ سلمان خان جي آزاد ٿيڻ تي هو مٿس ڪاوڙيل آهن. جوابدار ٻڌايو ته هن جنوري جي پهرئين هفتي ۾ به سلمان خان جي ريڪي ڪئي هئي. واضح رهي ته سلمان خان تي 1998ع ۾ ڪاري هرڻ جو شڪار ڪرڻ تان ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

Bookmark the permalink.