تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

سلاٿ جهڙو روبوٽ هاڻي جهنگلي ماحول تي نظر رکندو!

جارجيا (دلچسپ نيوز) گهاٽن ٻيلن ۾ سستي سان حرڪت ڪندڙ هڪ جاندار سلاٿ به آهي ۽ هاڻي ان مان متاثر ٿي سائنسدانن هڪ سلاٿ روبوٽ ٺاهيو آهي جيڪو هن جانور جيان ابتو لٽڪي هوريان هوريان حرڪت ڪندي فطرت، ماحول ۽ جهنگلي جيوت جو احوال وٺندو رهي ٿو. سلاٿ جهڙي روبوٽ جي ڊيهه ٽي فوٽ آهي ۽ ۽ هن کي ٿري ڊي پرنٽر سان ڇاپيو ويو آهي. هن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا سينسر ۽ موٽر لڳل آهن جارجيا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي سائنسدانن هن کي هڪ نباتاتي باغ لاءِ ٺاهيو آهي. پنهنجي نالي جيان هي به سستي سنا اڳتي وڌي ٿو ۽ بيٽري به گهٽ خرچ ڪري ٿو. هن جي بيٽري سولر پينل تي هلي ٿي ۽ سج جي روشني سان چارج ٿئي ٿي. هن کي ٻيلن جي تحفظ، ماحول جي بقا، جانورن ۽ پکين تي نظر رکڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.