تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

سعودي عرب ۾ وڌيڪ 20 سينيما گهر کولڻ جو فيصلو

رياض (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ انٽرٽينمينٽ جي شعبي کي هٿي ڏيڻ لاءِ وڏن شهرن کانپوءِ ننڍن شهرن ۾ به وڌيڪ 20 سينيما گهر کوليا ويندا. سعودي عرب ۾ فلمن جي شوقينن چيو آهي ته آگسٽ 2020ع انوکين خوشين جو مهينو ثابت ٿيو آهي. ان دوران حفر الباطن، الجبيل ۽ الاحسا ۾ پهريون ڀيرو ٽي سينيما گهر کوليا ويا آهن جڏهن ته رياض ۾ وڌيڪ 2 سينيما گهر کوليا ويا آهن. سعودي عرب سينما گهرن جو قيام زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ واري پروگرام تحت ڪري رهيو آهي.

Bookmark the permalink.