تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

سعادت حسن منٽو جي 108هين سالگرهه، گوگل جي به ڀيٽا

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اردو جي عظيم افسانا نگار سعادت حسن منٽو جي گذريل ڏينهن 108هين سالگرهه ملهائي وئي جڏهن ته سندس جنم ڏهاڙي تي گوگل به پنهنجي ڊوڊل ذريعي کيس ڀيٽا پيش ڪئي. پنهنجي ڀرپاسي جي سچائين کي افسانن ۽ خاڪن ۾ اجاڳر ڪندڙ سعادت حسن منٽو 11 مئي 1912ع تي ڀارت جي ضلعي لڌيانا ۾ پيدا ٿيو 7 شروعاتي تعليم پنهنجي گهر ۾ حاصل ڪئي. 1921 ۾ ايم او مڊل اسڪول ۾ چوٿين جماعت ۾ داخلا ورتي، ماٽيلي ڀيڻ ڀائرن جي موجودگي ۽ والد جي سخت رويي سبب هو پاڻ کي ظاهر نه ڪري سگهيو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ منٽو ٽوبه ٽيڪ سنگهه، کول دو، ٺنڊا گوشت، ڌوان اور بو سميت ڪيترائي بهترين افسانا تخليق ڪيا جيڪي مقبول ٿيا. منٽو 42 ورهين جي ڄمار ۾ 18 جنوري 1955ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.

Bookmark the permalink.