تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

سشانت ڪيس: ريا کانپوءِ انڪتا لوکنڊي تي بحث

نئين دهلي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) آپگهات ڪري پنهنجي زندگي جو انت آنيندڙ بالي ووڊ جي نوجوان اداڪار سشانت سنگهه راجپوت ۽ ٽي وي اداڪارا انڪتا لوکنڊي 6 سال لاڳاپن ۾ رهڻ کانپوءِ هڪ ٻئي کان ڌار ٿي ويا هئا. ٻنهي جي اهڙي فيصلي سندن مداحن کي ڏکاريو ڪيو هو جڏهن ته هنن ائين ڇو ڪيو، ان جا سبب هيل تائين سامهون نه آيا آهن. سي بي آءِ ان ڳالهه جي جاچ ڪري رهي آهي. سشانت جو موت ڪيئن ٿيو، ان حوالي سان روز نوان انڪشاف سامهون اچي رهيا آهن. انڪتا واحد اداڪارا آهي جنهن جا سشانت سان 6 سال لاڳاپا رهيا ۽ سندن گهرڀاتي به خوش هئا. پر پوءِ اوچتو انهن جو رشتو ڇو ٽٽو؟ سشانت انڪتا کي شادي جي آڇ به ڪئي هئي. اهي اطلاع آهن ته انڪتا کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ سشانت ڏکارو هيو جڏهن ته سشانت جي موت کانپوءِ ڊاڪٽرز به ان ڳالهه کي قبول ڪيو ته سشانت انڪتا سان پنهنجي رشتي کي وساري نه سگهيو هو.

Bookmark the permalink.