تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

سشانت لاءِ منشيات جو بندوبست ڪندي هيس: ريا جو اعتراف

نارڪوٽڪس بيورو جي عملدارن جو ريا چڪربورتي کان 7 ڪلاڪ پڇاڻو، اهم انڪشاف

نئين دهلي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) هلندڙ سال جون ۾ آپگهات ڪندڙ بالي ووڊ اداڪار سشانت سنگهه جي اڳوڻي گرل فرينڊ ريا چڪربورتي پهريون ڀيرو اعتراف ڪيو آهي ته هو اداڪار لاءِ منشيات جو بندوبست ڪندي رهي آهي. ڀارتي اخبار موجب نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو گذريل ڏينهن ريا کان 7 ڪلاڪ پڇا ڳاڇا ڪئي جتي هن حيراني جوڳا انڪشاف ڪيا. رپورٽ موجب ريا چڪربورتي اعتراف ڪيو ته هو سشانت سنگهه راجپوت لاءِ پنهنجي ڀاءُ شووڪ چڪربورتي ذريعي منشيات خريد ڪندي رهي آهي. اداڪارا ٻڌايو ته سشانت سنگهه منشيات جو عاهدي ۽ هو ڪڏهن ڪڏهن فلم جي شوٽنگ تي به منشيات گهرائيندو هو ۽ ڪيترائي ڀيرا هو شوٽنگ تي منشيات کڻي ويندو هو. ريا چڪربورتي اهو به اعتراف ڪيو ته سندس ڀاءُ ٻين منشيات فروشن کان نشو خريد ڪندو هو ۽ مان به انهن منشيات فروشن سان ملي چڪي آهيان. اداڪارا اهي الزام رد ڪيا ته هو پاڻ به منشيات استعمال ڪندي رهي آهي. نارڪوٽڪس بيورو جي عملدارن ريا کان گرفتار ڪيل ٽن ماڻهن سامهون پڇا ڳاڇا ڪئي. عملدارن ريا جي ڀاءُ، سشانت جي مينيجر ۽ بورچي کان به سوال ڪيا. سشانت جي مينيجر سموئل مرنڊا اداڪارا سامهون چيو ته هو سندس هدايتن تي ئي پنهنجي باس لاءِ منشيات جو انتظام ڪندو هو. سشانت جي بورچي چيو ته اداڪارا پاڻ به منشيات استعمال ڪندي رهي آهي. رپورٽ موجب نارڪوٽڪس عملدارن اداڪارا کي ٻيهر طلب ڪيو آهي. ريا چڪربورتي عملدارن سامهون اهم بالي ووڊ شخصيتن جا نالا به ورتا جڏهن ته هيل تائين اهو واضح ناهي ته اداڪار بالي ووڊ جي اهم ۽ بااثر شخصيتن جا نالا ڪهڙي سلسلي ۾ ورتا ۽ اهي ڪهڙآ نالا هئا. اداڪارا اهو به ٻڌايو ته سشانت سنگهه راجپوت جي رهائشگاهه تي نشي جون پارٽيون منعقد ٿينديون رهيون آهن ۾ ڪيترائي اهم بالي ووڊ جا ماڻهو به شرڪت ڪندا رهيا آهن. هن انڪشاف ڪيو ته شوٽنگ تي منشيات کڻي ويندا هئاسين، اتي سيف ۽ سارا به موجود هوندا هئا. واضح رهي ته ريا تي الزام تي آهي ته هن سشانت سنگهه کي ذهي طور تي پريشان ڪيو ۽ کيس منشيات به ڏيندي رهي ۽ هاڻي هن پاڻ اعتراف ڪيو آهي.

Bookmark the permalink.