تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

سشانت سنگهه ڪيس: ڀارتي رياستون آمهون سامهون

ممبئي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) جون ۾ آپگهات ڪندڙ بالي ووڊ اداڪار سشانت سنگهه جي آپگهات جي جاچ وارو معاملو حل ٿيڻ بدران وڌيڪ الجهندو پيو وڃي. سشانت جي پيءُ ۽ ريا چڪربورتي جيان هاڻي ٻن ڀارتي رياستن جي پوليس به اداڪر جي ڪيس جي جاچ جي معاملي تي آمهون سامهون آهي. رياست بهار جي درخواست تي ڪيس جي جاچ سي بي آءِ کان ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. سپريم ڪورٽ ۾ ريا چڪربورتي درخواست ڪئي ته ڪيس رياست مهاراشٽرا منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. ٻڌڻي دوران مرڪزي حڪومت عدالت کي ٻڌايو هو ته هاڻي ڪيس نه رياست بهار ۾ نه ئي مهاراشٽرا جي پوليس ڏسندي پر ڄاڻايل ڪيس سي بي آءِ ڏسندي. رياست بهار جي سربراهه بيان ۾ چيو هو ته ٻي رياست جو ڪيس هلائڻ جو اختيار آهي.

Bookmark the permalink.