تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

سشانت ڪيس: ريا جو غيرمعمولي فون رڪارڊ سامهون اچي ويو

ريا سشانت جي اڳوڻي مينيجر سان ڊگهو وقت رابطي ۾ رهي

ممبئي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) سشانگ سنگهه راجپوت آپگهات ڪيس جي جاچ ۾ هر ڏينهن نئون موڙ سامهون اچي رهيو آهي. اي ڊي ۽ سي بي آءِ طرفان ريا چڪربورتي جو ڪال ڊيٽا رڪارڊ چيڪ ڪيو ويو ته اداڪارا جو غير معمولي رڪارڊ سامهون آيو جنهن تي ڪيترائيماڻهو حيران آهن. ريا چڪربورتي هيل تائين سامهون آيل ڪال ڊيٽا رڪارڊ موجب سشانت جي آپگهات جي هڪ مهيني کانپوءِ تائين اداڪار جي اڳوڻي مينيجر سان رابطي ۾ رهي. ڊيٽا موجب ريا شروتي کي گذريل هڪ سال کان به گهٽ وقت ۾ مجموعي طور تي 800 کان وڌيڪ ڀيرا فون ڪالز ڪيون. اداڪارا سشانت جي اڳوڻي مينيجر کي 569 ڀيرا ۽ پوءِ ڪجهه وقفي کانپوءِ 222 فون ڪالز ڪيون. ان کانسواءِ اداڪارا کيس موبائيل پيغام به موڪليا. اهڙي ريت اداڪارا مينيجر سموئل مرنڊا کي به 300 ڀيرا فون ڪالز ڪيون. ريا گذريل هڪ سال دوران پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ ۽ ڀاءُ سان فون تي غير معمولي رابطو ڪيو ۽ هن والد کي 1100 کان وڌيڪ ڀيرا فون ڪالز ڪيون.

Bookmark the permalink.