تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

سشانت سنگهه جو آپگهات: ڳجهي ايجنسي کان جاچ ڪرائڻ جو اعلان

اداڪار جي اباڻي رياست بهار جي حڪومت سي بي آءِ کان جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ممبئي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سشانت سنگهه راجپوت جي آپگهات جو معاملو حل نه ٿي سگهيو ۽ هاڻي ڪيس ۾ نئون موڙ سامهون اچي ويو آهي. سندس اباڻي رياست بهار جي حڪومت اداڪار جي آپگهات واري معاملي جي جاچ سينٽرل بيورو آف انويسٽي گيشن (سي بي آءِ) کان ڪرائڻ جي سفارش ڪئي آهي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب بهار جي وڏي وزير نتيش ڪمار اعلان ڪيو ته هو سشانت سنگهه راجپوت جي آپگهات جي جاچ لاءِ سي بي آءِ سان رابطو ڪندا. رپورٽ موجب نتيش ڪمار سشانت سنگهه جي پيءُ ۽ ٻين گهرڀاتين سان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ اعلان اهڙو اعلان ڪيو. هڪ ڏينهن اڳ اداڪار جي پيءُ حڪومت کي اپيل ڪئي هئي ته سندس پٽ جي آپگهات جي جاچ سي بي آءِ کان ڪرائي وڃي. رياستي حڪومت مرڪزي حڪومت کان سي بي آءِ جي جاچ ٽيم موڪلڻ جي پايل ڪندي. ٻئي پاسي ريا چڪرورتي جي وڪيلن رياستي حڪومت جي اهڙي قدم کي غيرقانوني قرار ڏنو آهي. ريا چڪرورتي جي وڪيل ستيش منشندي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ائين ٿيو ته اهو قدم غيرقانوني هوندي. جيئن ته اداڪار رياست مهاراشٽرا ۾ آپگهات ڪيو هو ۽ سندس آپگهات جو ڪيس بهار جي حدن ۾ نٿو اچي ان لاءِ رياستي حڪومت سي بي آءِ کي جاچ جي سفارش نٿي ڪري سگهي. سشانت جي پيءُ 29 جولاءِ تي بهار جي شهر پٽنا ۾ اداڪارا ريا خلاف پٽ کي بليڪ ميل ڪرڻ جي الزامن تحت ڪيس داخل ڪرايو هو. هيل تائين اهو واضح ناهي ته اداڪاه ڪهڙين پريشانين سبب آپگهات ڪيو. ٻئي پاسي ريا چوڪرورتي ۽ سوشانت جي گهرڀاتين ۾ قانوني ويڙهه ۾ تيزي اچي رهي آهي.

Bookmark the permalink.