تازا ترين
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*
  • *ڏهرڪي ۾شهرين ۽ استادن جو اسڪول کولرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو *پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاج ۾سياسي سماجي ڪارڪن شريڪ *سنڌ جا اسڪول بند ڪري تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي: ڄام فتاح سميجو *7 مهينا اسڪول بند رهيا، حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي اسڪول کولرائي: مطالبو*
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

سشانت جي زندگي تي فلم:وڊيوپاران حسن کي ڪاسٽ ڪرڻ جي ترديد

ڪنهن به پاڪستاني اداڪار کي ويب سيريز لاءِ ڪاسٽ ناهي ڪيو: پرائم وڊيو

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پرائم وڊيو پاڪستاني آرٽسٽ حسن خان سان سشانت جي زندگي تي ويب سيريز ٺاهڻ جي ترديد ڪئي آهي. ميڊيا رپورٽ موجب هلندڙ سال 14 جون تي آپگهات ڪندڙ بالي ووڊ جي نوجوان اداڪار سشانت سنگهه راجپوت جي زندگي تي ڀارتي فلمساز 2 فلمون ٺاهڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن جڏهن ته اهي خبرون هيون ته ويب سيريز ۾ پاڪستاني اداڪار کي ڪاسٽ ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽس جو چوڻ آهي ته اهي خبرون ان وقت وائرل ٿيون جڏهن هڪ حسن خان نالي پاڪستاني آرٽسٽ جي انسٽاگرام پوسٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته کيس سشانت جي زندگي تي ٺهندڙ ويب سيريز ۾ ڪاسٽ ڪيو ويو آهي. حسن خان پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته هو بالي ووڊ ۾ سشانت سنگهه جو ڪردار نڀائيندو. اهڙي پوسٽ کانپوءِ ڪراچي ۾ موجود نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽ جي نالي سان ٺهيل ٽوئٽر هينڊل تان به کيس مبارڪون ڏنيون ويون هيون. هاڻي پرائم وڊيو حسن خان سان سشانت سنگهه جي زندگي تي ويب سيريز ٺاهڻ جي خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽس موجب ايمازون پرائم وڊيو طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪمپني سشانت سنگهه جي زندگي تي ڪنهن به قسم جي ويب سيريز لاءِ پاڪستاني اداڪار کي ڪاسٽ نه ڪيو آهي.

Bookmark the permalink.