تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

زوهرا شاهه قتل: انسانيت ڪيڏانهن گم ٿي وئي آهي: مايا علي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان فلم ۽ ٽي وي انڊسٽري جي مشهور اداڪارا مايا علي راولپنڊي ۾ مالڪن هٿان قتل ٿيل اٺ سالن جي گهريلو ملازمه زوهرا شاهه کي انصاف جي فراهمي لاءِ آواز اٿاري ڇڏيو. انسٽاگرام تي مايا علي هڪ گرافڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هڪ معصوم بارڙي قيدي پکين کي پڃري مان آزاد ڪري رهي آهي. مايا علي پنهنجي پوسٽ ۾ زوهرا شاهه جي انصاف لاءِ آواز اٿاريندي لکيو ته اٺ سالن جي معصوم زوهرا شاهه جي قتل جي خبر ٻڌي مان پريشان ٿي وئي آهيان، آخر هي دنيا ڪيڏانهن وڃي رهي آهي. هن چيو ته اسان مان انسانيت ڪيڏانهن گم ٿي وئي آهي.

Bookmark the permalink.