تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

زندگي ۾ ديپيڪا نه هجي ها ته ڪجهه حاصل نه ڪري سگهان ها: رنوير

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ڀارتي فلمن جي هيرو رنوير سنگهه پنهنجي زندگي ۾ زال دپيڪا پڊڪون جي اهميت ٻڌائيندي پنهنجين ڪاميابين جو ڪريڊٽ کيس ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن هو مون سان نه هجي ها ته مان زندگي ۾ ڪجهه حاصل نه ڪري سگهان ها، هارائي وڃان ها. عالمي وبا ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي لاڪ ڊائون جاري آهي ۽ فنڪار گهرن مان ڊيجيٽل پليٽ فارمز ذريعي مداحن سان رابطي ۾ آهن. رنوير سنگهه گذريل ڏينهن انسٽاگرام تي لائيو چيٽ ۾ شرڪت ڪئي ۽ ديپيڪا بابت ڳالهائيندي چيو ته هو هڪ فلمي هيرو هجڻ جي حيثيت سان ان دٻاءُ کي اڪيلي برداشت نه ڪري سگهي ها. هن چيو ته اسان ٻنهي جي ڪردارن مان ديپيڪا جو وڌيڪ مضبوط ۽ اهم ڪردار آهي، مڙس طور پنهنجو ڪردار نڀائڻ لاءِ ڪوششون ڪريان ٿو، ديپيڪا پنهنجي ڪيريئر ۾ مون کان وڌيڪ لاها چاڙها ڏٺا آهن، هو منهنجي لاءِ بهترين رهنما ۽ هڪ مضبوط ٿنڀ آهي ، هو مون کي منهنجي مرڪز تي ڌيان ڇڪرائڻ ۾ مدد ڏئي ٿي، جيڪڏهن ديپيڪا منهنجي زندگي ۾ نه هجي ها ته شايد مان ڪجهه حاصل نه ڪري سگهان ٿا. هن چيو ته ساڻس ملئي 10 سال ٿيا آهن، مان پنهنجي ڪريئير جي شروعت ٿيڻ جي ٽن سالن کانپوءِ ساڻس مليس باقي 7 سال گڏ گذاريا، مان بنا ڪنهن نقصان جي دپيڪا سان اثرائتي انداز ۾ محبت جا نتيجا حاصل ڪيا آهن.

Bookmark the permalink.