تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

زال تي تشدد بابت ڪيس: جوني ڊيپ جي اڳوڻين محبوبائن جو سندس حق ۾ بيان

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) هالي ووڊ اداڪار 56 سالن جي جوني ڊيپ طرفان هڪ برطانوي اخبار خلاف ڪوڙو مضمون لکڻ تي داخل ڪيل ڪيس ۾ اداڪار جون ٻه اڳوڻيون محبوبائون شاهد طور پيش ٿي اداڪار جي حق ۾ بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو. فينٽيسي فلم “پائريٽس آف دي ڪيريبيئن” ۾ ڪيپٽن جيڪ اسپيرو جو ڪردار ادا ڪري مقبوليت ماڻيندڙ جوني ڊيپ اپريل 2018ع ۾ برطانوي اخبار دي سن خلاف ڪوڙو مضمون لکڻ تي لنڊن جي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو هو، دي سن پنهنجي مضمون ۾ جوني ڊيپ کي زال تي تشدد ڪندڙ شخص قرار ڏيندي لکيو هو ته ڪهڙي ريت جوني ڊيپ پنهنجي زال کي تشدد جو نشانو بڻايو. جوني ڊيپ اخبار خلاف برطانوي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪندي اخبار خلاف ٻه لک يورو هرجاڻي جي دعويٰ به داخل ڪئي هئي ۽ ان جون ڪيتريون ئي ٻڌڻيون ٿي چڪيون آهن، تازو ڪيس جي ٻڌڻي مارچ جي شروعات ۾ ٿيڻي هئي پر ڪورونا وائرس سبب ملتوي ڪئي وئي هئي ۽ 13 مئي تي ڪيس جي ٻڌڻي ته ٻنهي اڳوڻين اداڪارائن عدالت ۾ جوني ڊيپ جي حق ۾ بيان رڪارڊ ڪرايو. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب فرانسيسي ڄائي ڳائڻي ۽ اداڪارا 47 سالن جي ونيسا پيراڊائيز ۽ آمريڪي اداڪارا ۽ پروڊيوسر 48 سالن ونونا رائيڊر جوني ڊيپ جي شخصيت، سندس عادتن ۽ ڪردار تي ڳالهائيندي کيس شريف انسان قرار ڏنو. ونيسا پيراڊائز موجب هن جوني ڊيپ سان 14 سال وقت گذاريو ۽ ٻنهي ٻن ٻارن جي پرورش به ڪئي. اداڪارا ونونا رائيڊر به جوني ڊيپ بابت چيو ته ٻنهي گڏ ڪيترائي سال گذاريا پر جوني ڊيپ کي ڪڏهن ڪاوڙ ۾ نه ڏٺو.

Bookmark the permalink.