تازا ترين
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*
  • *دادو: ميهڙ ۾ ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس جي ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي *مقتولن جي وارث اِم رباب چانڊيو سميت سردار احمد چانڊيو، ايم پي اي برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش *سردار احمد ۽ برهان کي جوابدارن واري ڪٽهڙي ۾ ويهاريو ويو، وڪيلن جا دليل جاري*
  • *نيوسعيدآباد ويجهو جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو *ڳوٺ پاھڙ جمالي ۾ جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ زميني تڪرار تان هڪ ٻئي جي گھرن مٿان فائرنگ *فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف، ڌريون مورچا بند*
  • *ڪراچي: احتساب ڪورٽ ۾ سمنڊ ڪناري سرڪاري زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ وارو ڪيس *پي ايس پي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻيا عدالت مان غير حاضر*
  • *مدئجي ويجهو پوليس اٽالن جي چڙهائي،گهر گهر تلاشي، 4 ڄڻا گرفتار،ڍور ڍڪ حوالي *پوليس اٽالن ڳوٺ علي خان واصل ڀرسان هليا ۽ جيها برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪئي *پوليس چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري 10 کان وڌيڪ ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا،متاثرن جو احتجاج *
  • *لاڙڪاڻو: چانڊڪا اسپتال ۾ ايم ايس ۽ پيراميڊيڪل عملي ۾ ڇڪتاڻ برقرار *پيرا ميڊيڪل عملي جو احتجاج، مريض بنا علاج جي واپس روانا *20هين ڏينهن به او پي ڊيز کي تالا، پيرا ميڊيڪل عملي وارڊن جو ڪم به ڇڏي ڏنو *ڊيوٽي تي غيرحاضر رھندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو: ايم ايس *ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي جيستائين ايم ايس کي نه هٽايو ويندو، احتجاج جاري رهندو: پيرا ميڊيڪل عملو *

رڳو پاڪستان ۾ هراساني ۾ ملوث شخص کي ايوارڊ ڏئي سگهجي ٿو: عفت عمر

اداڪارا عفت عمر ڪنهن جو نالو وٺڻ کانسواءِ ٽوئٽر تي بيان جاري ڪيو، ٽوئيٽ وائرل

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪارا ۽ ميزبان عفت عمر حڪومت پاڪستان طرفان ملڪ لاءِ خدمتون انجام ڏيندڙ شخصيتن لاءِ ايوارڊ جو اعلان ڪرڻ تي چيو آهي ته ائين رڳو پاڪستان ۾ ئي ٿي سگهي ٿو ته مبينا طور تي هراساني ۾ ملوث شخص کي ايوارڊ سان نوازيو وڃي. عفت عمر گذريل ڏينهن ٽوئٽر تي بنا ڪنهن جو نالو وٺڻ جي لکيو ته رڳو پاڪستان ۾ اهو ممڪن آهي ته حڪومت طرفان مبينا طور تي هراساني ۾ ملوث شخص کي ايوارڊ ڏنو وڃي. ان سان گڏوگڏ هن پاڪستان زنده باد جو هيش ٽيگ به استعمال ڪيو. عفت عمر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اهو واضح ناهي ڪيو ته هو ڪنهن شخص بابت اهو چئي رهي آهي جڏهن ته هن جو ٽوئيٽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي ۽ ماڻهو اندازو لڳائيندي چئي رهيا آهن عفت عمر ڳائڻي علي ظفر بابت اهي ڳالهيون چئي رهي آهي. ياد رهي ته يومِ آزادي جي موقعي تي صدر پاڪستان طرفان ملڪ لاءِ خدمتون انجام ڏيڻ تي 48 شخصيتن لاءِ سول ايوارڊز جو اعلان ڪيو ويو هو جنهن ۾ ڳائڻي علي ظفر جو نالو به شامل هو. واضح رهي ته اڄ کان ٻه سال اڳ 2018ع ۾ ڳائڻي ميشا شفيع علي ظفر تي جنسي هراساني جو الزام لڳايو هو جنهن کانپوءِ ٻنهي وچ ۾ ڊگهي قانوني جنگ ٿي هئي علي ظفر دعويٰ ڪئي ته ميشا شفيع پنهنجا الزام ثابت نه ڪري سگهي، عدالت سندس ڪيس خارج ڪري ڇڏيو ۽ علي ظفر ڪيس کٽي چڪو آهي.

Bookmark the permalink.