تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ريما به ترڪ ڊرامو نشر ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينيئر اداڪارا ريما خان وزيراعظم جي هدايت تي اردو ۾ ڊب ڪري نشر ڪيل ترڪ سيريز ديريليش ارطغرل کي سرڪاري ٽي وي تي نشر ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي. نجي ٽي وي تي رمضان ٽرانسميشن ۾ ميزباني جا فرض انجام ڏيندڙ ريما خان جو چوڻ هو ته ٻين ملڪن جا ڊراما نشرڪرڻ سان مقامي فنڪارن ۽ تخليق ڪارن جي مقبوليت سان گڏوگڏ سندن ڪم کي به خطرو آهي. ريما جو چوڻ هو ته سڀ کان اڳ فنڪار شان شاهد اهڙي مسئلي تي آواز اٿاريو ته سرڪاري چينل تي اسان کي ڪنهن ٻئي ملڪ جا ڊراما نشر نه ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته جڏهن توهان وٽ نشر ڪرڻ لاءِ پنهنجو مواد وڏي انگ ۾ موجود آهي، توهان جا پنهنجا فنڪار گهرن ۾ ويٺا آهن پر پوءِ به توهان ٻين کان مواد خريد ڪري انهن جي مشهوري ڪري رهيا آهيو. اداڪارا موجب اها ڳالهه مون کي ڏاڍي تڪليف ڏئي ٿي، ڇو ته ٽيڪس ٻين ملڪن جا آرٽسٽ نه پر پنهنجي ملڪ جا آرٽسٽ ڏيندا آهن.

Bookmark the permalink.