تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

رنبير سڀ کان وڌيڪ غير ذميوار ڪو اسٽار آهي: دپيڪا

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا دپيڪا پڊوڪون ڀارتي چاڪليٽي هيرو رنبير ڪپور کي سڀ کان وڌيڪ غير ذميوار ڪو اسٽار قرار ڏئي ڇڏيو. دپيڪا پڊوڪون ڀارتي شو ڪافي ود ڪرن ۾ پنهنجي هڪ انٽرويو دوران رنبير ڪپور بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته رنبير ڪپور هڪ سٺو اداڪار آهي، هو سٺي اداڪاري ڪري ٿو پر دوست طور هو هڪ قابلِ رحم انسان آهي. دپيڪا پڊوڪون چيو ته جيڪڏهن ڪو مائنس نمبر ڏيڻ جو پيمانو هجي ها ته بنا ڪنهن شڪ جي سڀ کان مٿي رنبير ڪپور جو نالو هجي ها. هن وڌيڪ چيو ته مان جيترن به فنڪارن سان ڪم ڪيو آهي رنبير ڪپور انهن سڀني مان سڀ کان وڌيڪ غير ذميدار ڪو اسٽار ثابت ٿيو. هو گهڻو ڪري غير سنجيده آهي ۽ پاڻ ڪم ڪندڙن کي به سنجيدگي سان ڪم نٿو ڪرڻ ڏئي. دپيڪا جو چوڻ هو ته هو فلم جي سيٽ تي پنهنجي مد مقابل ڪم ڪندڙ اداڪارائن کي هر وقت ڪجهه نه ڪجهه کارائيندو رهي ٿو ته جيئن هو ٿلهيون ٿي وڃن ۽ رنبير کان گهٽ سهڻيون نظر اچن. واضح رهي ته دپيڪا پڊوڪون ۽ رنبير ڪپور ماضي جا ويجها دوست رهي چڪا آهن. دپيڪا ڪيترائي ڀيرا مختلف شوز ۾ رنبير سان محبت جو اظهار به ڪيو هو پر سندن رشتو گهڻي دير نه هلي سگهيو. رنبير سان رشتو ٽٽڻ تي دپيڪا موجب هو ڊپريشن جو شڪار ٿي وئي هئي ۽ ان ڳالهه جو اعتراف هن هڪ شو ۾ ڪيو هو.

Bookmark the permalink.