تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

رشي ڪپور مون ۾ پنهنجي جواني ڏسندو هو: علي ظفر

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور ڳائڻي علي ظفر ليجنڊ اداڪار رشي ڪپور کي ياد ڪندي چيو آهي ته رشي ڪپور مون ۾ پنهنجي جواني ڏسندو هو. علي ظفر رشي ڪپور سان گذاريل وقت کي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي ڀيٽا پيش ڪئي. علي ظفر پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته رشي ڪپور جو گانو زندگي ڪي دن منهنجي ننڍپڻ جي يادن مان هڪ خاص ياد آهي. ڳائڻي جو چوڻ هو ته هن ڪڏهن اهو نه سوچيو هو ته هو رشي ڪپور سان رقص ڪرڻ جو اعزاز پنهنجي نانءِ ڪرڻ ۾ ڪامياب رهندو. هن لکيو ته رشي ڪپور سان پهريون سين عڪسبند ڪرائڻ کانپوءِ منهنجا احساس بيان ڪرڻ جوڳا نه هئا. هن رشي ڪپور جي واکاڻ ڪندي لکيو ته رشي ڪپور قدآور شخصيت جو مالڪ هو. اسان ميوزڪ ۽ آرٽ بابت ڊگهي ڳالهه ٻولهه ڪندا هئاسين جڏهن ته رشي ڪپور کي پاڪستان جي حوالي سان ڳالهائڻ ۾ دلچسپي رهندي هئي. ڳائڻي لکيو ته رشي ڪپور کيس خاص طور تي جهينگا کارائيندو هو ۽ ان کانپوءِ اڄ تائين مون کي جهينگا پسند آهن. علي ظفر جو چوڻ هو ته رشي ڪپور کيس ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي هو مون ۾ پنهنجي جواني ڏسي ٿو. ڳائڻي لکيو ته مون کي جڏهن خبر پئي ته رشي ڪپور جي طبيعت ٺيڪ ناهي ته مان ساڻس عيادت لاءِ وٽس پهتو هيس ۽ کيس ٻڌايو هو ته هو منهنجي خواب ۾ آيو هو ۽ منهنجون ڳالهيون ٻڌي خوش ٿيو هو.

هن لکيو ته هاڻي هو هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي ته مان کيس خواب ۾ ڏسي سگهان ٿو.

Bookmark the permalink.