تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

رشي ڪپور مون سان گڏ فلم ۾ ڪم ڪرڻ چاهيو ٿي: ميرا

لاهور (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪاره ميرا جو چوڻ آهي ته رشي ڪپور مون سان گڏ فلم ۾ ڪم ڪرڻ چاهيو ٿي. پاڪستاني اداڪاره ميرا جيڪا پنهنجي گلابي انگريزي ۽ منفرد بيان سبب خبرن جي زينت بڻجندي رهندي آهي. هاڻ ان جي هڪ وڊيو سامهون آئي آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته 2005 ۾ فلم(نظر) جي شوٽنگ دوران ممبئي ۾ منهنجي ملاقات رشي ڪپور سان ٿي هئي هو صرف بهترين اداڪار ئي نه پر بهترين انسان به هو. اداڪاره چيو آهي ته هڪ  ڀيرو دبئي ۾ ملاقات جي دوران رشي ڪپور سان مختلف ڳالهيون ٿيون هيون ۽ ان دوران هن مون سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو هو ۽ مان به هميشه ان سان گڏ ڪم ڪرڻو چاهيو ٿي. هن ملاقات ۾ منهنجي تعريف به ڪئي هئي ۽ مون کي به همت ڪرڻ جي تلقين ڪئي هن مون کي اهو به چيو هو ته مون کي وڏن فنڪارن سان گڏ ڪم ڪرڻ گهرجي. اداڪاره چيو ته ان فوتگي جي خبر ٻڌي تمام گهڻو ڏک پهتو ڇو ته رشي ڪپور صدي جو هڪ وڏو اداڪار هو. اداڪاره وڌيڪ چيو  ته ان جي ڳالهه ڪرڻ جي انداز سميت هو تمام وڏو همدرد هو.

Bookmark the permalink.