تازا ترين
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

رشي ڪپور سان شوٽنگ ڄڻ ڪالهوڪي ڳالهه آهي: زيبا بختيار

خبر نٿي پوي ته وقت ڪيتري تيزي سان گذري وڃي ٿو

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ماضي جي مشهور اداڪارا زيبا بختيار ڀارتي ليجنڊري اداڪار رشي ڪپور جي موت تي کيس ياد ڪندي فلم “حنا” جون ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون. اداڪارا تصويرن سان گڏ رشي ڪپور لاءِ جذباتي پيغام به لکيو. سندس چوڻ هو ته مان پنهنجي پياري دوست رشي ڪپور جي موت جي خبر ٻڌڻ کانپوءِ صدمي ۾ آهيان. خبر نٿي پوي ته وقت ڪيتري تيزي سان گذري وڃي ٿو، ائين لڳي ٿو جيئن فلم “حنا” جي شوٽنگ ڪالهوڪي ڳالهه آهي. رشي مان توکي ياد ڪنديس، تنهن جي موت جو نقصان برداشت ڪرڻ منهنجي لاءِ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي.

Bookmark the permalink.