تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

رشي ڪپور جي زال نيتو ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي جي ٿورائتي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ليجنڊري اداڪار رشي ڪپور جي موت کانپوءِ سندس زال نيتو ڪپور پنهنجي سوشل ميڊيا پيغام ۾ ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي جا ٿورا ادا ڪيا آهن. نيتو ڪپور انسٽاگرام تي پنهنجي پيغام سان گڏ رشي ڪپور جون تصويرون به شيئر ڪيون جڏهن ته هڪ تصوير ۾ نيتو به رشي ڪپور سان گڏ آهي. اداڪارا پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته هڪ فيملي هجڻ جي حيثيت سان اسان کي ان ڳالهه جو احساس آهي ته رشي ڪپور جو موت اسان لاءِ وڏو نقصان آهي. جڏهن اسان سموري فيملي گڏ ويهندا آهيون ته ماضي ۾ گذريل ڪجهه مهينا ياد ڪندا آهيون. اسان کي احساس ٿيندو آهي ته اسان کي ان وقت کي ياد ڪندي شڪر گذار هجڻ گهرجي، خاص طور تي اين ايچ ريلائنس اسپتال جي ڊاڪٽر جو. هن لکيو ته ڊاڪٽر ترنگ گيانچنداڻي جي سربراهي ۾ اسپتال جي سڀني ڊاڪٽرن نرسن ۽ ٻي عملي مڙس جي اهڙي ريت سار سنڀال ڪئي جيئن هو سندس پٽ هجن.

Bookmark the permalink.