تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

رشتو ٺاهڻ ۾ ڊگهو وقت پر ٽوڙڻ ۾ هڪ گهڙي لڳي ٿي: حميمه ملڪ

سوشل ميڊيا تي ڪنهن بابت ڪجهه به لکڻ يا چوڻ کان اڳ سوچي وٺو ته ڇا چئي رهيا آهيو

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) جڳ مشهور پاڪستاني اداڪارا حميمه ملڪ مداحن کان سوشل ميڊيا تي ڪنهن بابت ڪجهه به لکڻ يا چوڻ کان محتاط رهڻ جي صلاح ڏيندي لکيو آهي ته رشتو ٺاهڻ ڏکيو ۽ ٽوڙڻ گهڙيءَ جي ڳالهه آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي هڪ پيغام شيئر ڪندي هن مداحن کان سوال ڪيو ته ڇا سوشل ميڊيا هڪ فساد آهي يا اسان جي سوچ؟ يا وري اسان انسان هڪ فتنو بڻجي چڪا آهيون؟ هن درخواست ڪندي لکيو ته هتي سوشل ميڊيا تي ڪنهن بابت ڪجهه به لکڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچجيو. اداڪارا لکيو تها اوهان جي لکيل ڪا هڪ ڳالهه به ٻين جي زندگي تي خراب اثر انداز ٿي سگهي ٿي. ان ڳالهه بابت آگاهه رهو ته اوهان ڪنهن ٻئي بابت ڇا چئي رهيا آهيو ڇو ته اوهان کي به ان جو جواب ڏيڻو پوندو. حميمه پنهنجي ڊگهي پيغام ۾ اهو به لکيو ته ٻين جي رازن، جذبات ۽ رشتن جو خيال رکو ڇو ته رشتو ٺاهن ۾ گهڻو وقت لڳندو آهي ۽ هڪ گهڙي ۾ ڪنهن جي دل يا گهر خراب ٿي ويندو آهي. هن اهو به لکيو ته انسان بڻجو، دنيا حيوان ناهي.

Bookmark the permalink.