تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

رابي پيرزادا مريم نواز سان اميدون واڳي ورتيون

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) شوبز ڇڏي مصروري جي دنيا ۾ پنهنجيون صلاحيتون ڏيکاريندڙ رابي پيرزادا پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز سان اميدون واڳي ورتيون. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي رابي پيرزادا هڪ پيغام جاري ڪيو. هن پيغام سان رابي پيرزادا تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هو ليگي نائب صدر جو رنگين خاڪو ٺاهي رهي آهي. پنهنجي پيغام ۾ هن مريم نواز کي مخاطب ڪندي لکيو ته هو غريب ڪٽنب جي ڪفالت ڪري ٿي جن ۾ ڪجهه اسپيشل ٻار به شامل آهن. هن لکيو ته مان پنهنجي محنت سان جيڪا پينٽنگ ٺاهيان ٿي انهن ماڻهن جي ڀلائي تي خرچ ڪريان ٿي پر هن وقت ڪورونا سبب ماڻهو تڪليف ۾ آهن. هن چيو ته اوهان جي هي پينٽنگ مان ڏينهن رات هڪ ڪري ٺاهي آهي ۽ ههڙي پينٽنگ ٻيو ڪير نٿو ٺاهي سگهي. هن لکيو ته اميد آهي ته اوهان پنهنجي پاڪستان جي ٽيلينٽ کي مايوس نه ڪنديون.

Bookmark the permalink.