تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

دنيا کي جيسنڊا جهڙي ليڊرز جي ضرورت آهي: علي ظفر

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار ۽ ڳائڻي علي ظفر نيوزلينيڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته دنيا کي اهڙن اڳواڻن جي ضرورت آهي. هن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي جيسنڊا آرڊرن جي وڊيو بيان جي ڪلپ شيئر ڪندي جيسنڊا آرڊرن کي ٽيگ ڪيو. هن لکيو ته ڪورونا جهڙي عالمي وبا جي صورتحال ۾ جيسنڊا طرفان کنيل قدم ساراهه جوڳا آهن. هن چيو ته دنيا کي هن وقت اهڙن ليڊرز جي ضرورت آهي. جيسنڊا پنهنجي بيان ۾ چيو ته دنيا ۾ ڪورونا تي ضابطو آڻڻ لاءِ هرڊ اميونٽي يا اجتماعي مدافعت جو سهارو وٺڻ تي زور ڏنو پيو وڃي پر نيو زيلينڊ ائين ڪرڻ جو سوچيو به ناهي. هن چيو ته ائين سوچڻ هزارين نيو زيلينڊرز کي موت جي منهن ۾ ڌڪڻ برابر هوندو.

Bookmark the permalink.