تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

دليپ ڪمار جا 2 ڀائر ڪورونا سبب اسپتال ڀيڙا

ممبئي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور ۽ ليجنڊري اداڪار دليپ ڪمار جا ٻه ڀائر ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويا آهن جن کي گذريل رات ممبئي جي ليلاوتي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. دليپ ڪمار جي ٻنهي ڀائرن کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف سبب نان انويسو وينٽي ليٽر سپورٽ تي رکيو ويو آهي. ذريعن موجب احسان خان ۽ اسلم خان کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف جي شڪايت پيدا ٿي ۽ ڊاڪٽر نيتن گوکلي کين اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي صلاح ڏني ڇو ته سندن جسم ۾ آڪسيجن جي سطح گهجي رهي هئي. ان کانسواءِ دليپ ڪمار جا ٻئي ڀائر دل جي مرض جا به مريض آهن.

Bookmark the permalink.