تازا ترين
  • *اسپين کان آيل وفد پاران خيرپور جي تاريخي ماڳن جو دورو، عمارتن جي خوبصورتيءَ جي واکاڻ *اسپين کان آيل جون ۽ ماريا ڪوٽڏيجي قلعي، شاهي محل، وائيٽ هائوس ۽ فيض محل خيرپور جو دورو ڪيو *پاڪستان تاريخي جڳهن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان شاهوڪار ملڪ آهي جون/مس ماريا *ٽالپور هائوس ڪوٽڏيجي ۾ مير ظهير عباس ٽالپر اسپين کان آيل وفد کي اجرڪ ۽ ٽوپيون تحفي طور ڏنيون *
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد ۽ سجاول ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون *حيدرآباد جي ماڻڪ ڀٽي ڳوٺ ۾ 5 ڏينهن کان بجلي بند، ٻوسٽ سبب پيرسن عورت دم ڏئي ڇڏيو، رهواسي سراپا احتجاج *سجاول جي مختلف علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ، شهري پريشان، اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر*
  • *مدئجي ۾ ڳوٺاڻن پاران ڳاهيجا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦرلٽ جي وڌندڙ وارداتن خلاف احتجاجي ريلي *پوليس جي نااهلي سبب چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا وڌي ويا، رهواسي غير محفوظ آهن: مظاهرين*
  • *هالا ڀرسان ڇلگري وٽ ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، گمبٽ واسي 5 گهر ڀاتي زخمي *پوليس زخمين کي اسپتال منتقل نه ڪيو، خانگي گاڏي ذريعي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *ملير: نئين سبزي منڊي ويجهو گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 27 ورهين جي شامدار طور ٿي، زخمي اسپتال منتقل*
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

درگاھ جهانپور جا صوفي فنڪار يڪتارا ۽ چپڙيون کڻي امن عام ڪرڻ لاءِ رستن تي نڪري آيا

جروار (رپورٽ: علي گوهر گبول ): درگاھ جهانپور جي صوفي فنڪارن جروار ۽ ڀرپاسي جي علائقن جو سير ڪري امن جو پيغام ڏنو. جروار جي مختلف پاڙن ۾ صوفي فنڪارن گيڙو ويس پهري، يڪتاري ۽ چپڙيءَ تي صوفياڻا ڪلام ڳائي محبت، امن، ڀائپي ۽ رواداريءَ جو درس ڏيندا رهيا. شھرين صوفي فقيرن جي راڳ تي گڏ ٿي کين ڀرپور داد ڏنو. صوفي سيد سجاد علي شاهه، صوفي حليم فقير، عاشق فقير، صوفي فنڪار مختيار فقير، ڪجل فقير، امان الله فقير، لياقت فقير ۽ ٻين چيو ته حضرت انسان نفسا نفسيءَ جي دور ۾ ايترو ته اڳتي نڪري ويو آهي جو اسان کان انسانيت جو مفهوم به وسري ويو آهي. هن وقت هر مذھب ۾ انتها پسنديءَ جو لاڙو تيزيءَ سان وڌي ويو آهي، جنهن مان سڀ کان وڌ انسانيت کي خطرو آهي. اسين انسانيت ۽ انساني قدرن جي بقا لاءِ نڪتا آھيون. صوفي ازم کي عام ڪري انتهاپسندي جهڙي لعنت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو. صوفين سڳورن جي پيغام کي عام ڪرڻ سان پيار، پريت محبت ۽ حقيقي ماڻھپي وارو آئيڊيل سماج اڏي سگهون ٿا. صوفي فنڪارن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته راڳ روح جي غذا آهي. صوفين جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ نڪتا آھيون ته جيئن سماج مان ڪدورت، ڪيني ۽ ھر قسم جي انتهاپسنديءَ کي تڙي ڪڍون. ياد رهي ته درگاھ جهانپور شريف جا فقير هر سال گيڙو ويس پائي صوفياڻا ڪلام ڳائي سير ڪري پيار ۽ محبت جو پيغام ڏيندا آھن.

Bookmark the permalink.