تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

خيرپور ۾ 15-15 هزارن جا چيڪ 69 فنڪارن ۽ سازندن حوالي

خيرپور (رپورٽر) ثقافت کاتي پاران خيرپور جي 69 فنڪارن، فنڪارائن ۽ سازندن ۾ 15- 15 هزار رپين جا امدادي چيڪ ورهايا ويا. سچل سرمست لائبريري خيرپور ۾ثقافت کاتي جي نمائندي رضوان ميمڻ آل سنڌ سنگيتڪار ايسوسيئيشن جي چيئرمين استاد عبدالغفور سومري جي موجودگيءَ ۾ خيرپور جي 69 فنڪارن، فنڪارائن ۽ سازندن رانجھن ڀٽي، شوڪت علي ميمڻ، رخسانه سورٺ، شريف عباسي، نادرا سلطانه، زبير لاڙڪ، فقير امتياز علي، عاشق جوڳي، نياز جوڳي، رابيل خان، فقير غلام عباس، عمران علي، فقير الھرکيو کوکر، ايازکوکر، ممتاز علي سمون، اختر علي ڀٽي، شفقت علي ڀٽي، عنايت ٻرڙو، جلال فقير، حسين ڏنو فقير، فھيم احمد ۽ ٻين کي چيڪ ڏنا ويا. ان موقعي تي آسا چيئرمين استاد عبدالغفور سومري ثقافت کاتي جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته لاڪ ڊائون سبب خيرپور جا فنڪار، فنڪارائون ۽ سازندا شديد متاثر ٿيا آهن. ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه عيد کان اڳ امدادي چيڪ ورهائي انهن ۾ پيدا ٿيل مايوسيءَ کي ختم ڪيو آهي.

Bookmark the permalink.