تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

حمزا علي عباسي ۽ نيمل خاور وٽ پٽ جي پيدائش

رب پاڪ مون کي پٽ محمد مصطفيٰ عباسي سان نوازيو آهي: حمزا

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) شوبز جي دنيا کان پاسيرو ٿيندڙ جوڙي حمزه علي عباسي ۽ نيمل خاور عباسي کي رب پاڪ پٽ جي نعمت سان نوازي ڇڏيو آهي. حمزه علي عباسي پنهنجي گهر ايندڙ معصوم مهمان جي خوشخبري مداحن کي پنهنجي هڪ سوشل ميڊيا پيغام جي  ذريعي ٻڌائي. سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي حمزه علي عباسي ٻڌايو ته رب پاڪ مون کي ۽ نيمل کي پٽ محمد مصطفيٰ عباسي جي نعمت سان نوازي ڇڏيو آهي. هن لکيو آهي ته منهنجي دعا آهي ته منهنجو پٽ الله جو شڪر گذار بندو، هڪ سٺو، ايماندار انسان بڻجي  ۽ الله ان جي زندگي ۽ آخرت ۾ برڪت عطا ڪري.  پنهنجي پيغام جي آخر ۾  حمزه مداحن کان دعائن جي درخواست به ڪئي. ٻئي طرف حمزه علي عباسي جي گهر واري نيمل خاور پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ٻارڙي جو پڪڙڻ واري هڪ تصوير شيئر ڪئي. آخر ۾ نيمل خاور ٻارڙي جي ڄمڻ جي تاريخ به لکي جنهن سان خبر پوي ٿي ته ان جي پٽ جي پيدائش گذريل مهيني 30 جولاءِ تي ٿي هئي.  واضح رهي ته حمزه ۽ نيمل گذريل سال 25 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ منعقد هڪ سادي تقريب ۾ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا هئا.

Bookmark the permalink.