تازا ترين
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

حرا ماني، ارمينا ۽ جنيد خان نئين ڊرامي ۾ جوهر ڏيکارڻ لاءِ تيار

ڊرامي جون تياريون شروع ٿي ويون، آڪٽوبر ۾ رليز ڪرڻ جو امڪان

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪار جنيد خان نئين پراجيڪٽس لاءِمعاهدو ڪري ورتو آهي هو نئين ڊرامي ۾ حرا ماني ۽ ارمينا خان سان جوهر ڏيکاريندو. ڊرامي جي تياري شروع ڪئي وئي آهي جيڪو آڪٽوبر ۾ نشر ڪيو ويندو. ڊرامي ۾ جنيد خان مک ڪردار نڀائيندو ۽ ڊرامو جو هدايتڪار علي حسن آهي. هن پراجيڪٽ ۾ اسٽار اداڪار هڪ اهڙي شخص جو ڪردار نڀائيندو جنهن جو پنهنجي ساٿي سان هڪ مثالي رشتو آهي ۽ هو پنهنجي ڪٽنب مان خوش ۽ مطمئن زندگي گذاريندي نظر اچي ٿو جنهن کانپوءِ زندگي ۾ اهڙو موڙ اچي ٿو ته هڪ ٻاهريون شخص سندس زندگي ۾ دخل اندازي ڪري ٿو جنهن کانپوءِ اهڙي جدوجهد شروع ٿئي ٿي جنهن کانپوءِ نفس پرستي ۽ پريشانين جو ڊگهو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو. هن تازو اداڪار پنهنجو يوٽيوب چينل به متعارف ڪرايو آهي جتي هو ڪهه دو جي نالي سان ناظرين لاءِ تجربا ۽ خيال شيئر ڪري ٿو.

Bookmark the permalink.