تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

حادثي ۾ زخمي سرائيڪي ڳائڻو نواز فريد سانول فوت

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) سرائيڪي ڳائڻو نواز فريد سانول ٽريفڪ حادثي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب ڳائڻو حيدرآباد ويجهو ٽريفڪ حادثي ۾ زخمي ٿيو هو ۽ علاج دوران اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو. ڳائڻو نواز فريد سانول بهاولپور جي تعلقي احمدپور شرقيه جي علائقي ڪوٽله موسيٰ خان جو رهواسي هو. نواز فريد سانول ڪراچي ۾ سرائيڪي لوڪ گيت ڳائيندو هو ۽ رڪشو هلائيندو هو. نواز فريد سانول لاڪ ڊائون سبب موٽرسائيڪل تي ڪوٽلا موسيٰ خان کان ڪراچي اچي رهيو هو. ان دوران حيدرآباد ويجهو ٽريفڪ حادثي جو شڪار ٿي ويو ۽ علاج دوران اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.

Bookmark the permalink.