تازا ترين
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

جي جي حديد ڳورهاري هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) فلسطيني ڄائي آمريڪي سپر ماڊل 25 سالن جي جي جي حديد تصديق ڪئي آهي ته هو ڳورهاري آهي ۽ پهرئين ٻار جي پيدائش جي معاملي تي پرجوش آهي. گذريل ڪجهه ڏينهن کان خبرون هيون ته جي جي حديد شادي کان اڳ ئي ڳورهاري ٿي وئي آهي جڏهن ته ان حوالي سان هن پاڻ ڪا تصديق نه ڪئي هئي. خبرون هيون ته جي جي حديد ۽ پاڪستاني ڄائو برطانوي ڳائڻو 27 سالن جو زين ملڪ شادي کان اڳ ئي والدين بڻجڻ وارا آهن. آمريڪي ميڊيا ۾ افواهه اچڻ کانپوءِ جي جي حديد جي ماءُ به تصديق ڪئي ته سندس ڌيءُ اميد سان آهي جڏهن ته هاڻي هن پاڻ به ان ڳالهه جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. جي جي حديد جمي فامل جي ٽڪ ٽاڪ شو ٽو نائٽ شو ود جمي فامل ۾ پيش ٿي جتي هن افواهن کي ختم ڪرڻ لاءِ تصديق ڪئي ته هو ڳورهاري آهي ۽ انتهائي خوش آهي.

Bookmark the permalink.