تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

جي جي حديد جو ٻار جي پيدائش کان اڳ شادي جو منصوبو؟

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) فلسطيني ڄائي آمريڪي سپر ماڊل 25 سالن جي جي جي حديد جي شادي کان اڳ حاملا هجڻ جون خبرون گذريل مهيني سامهون آيون هيون جنهن کانپوءِ هن تصديق ڪئي هئي ۽ هاڻي سندس پاڪستاني ڄائي 27 سالن جي ڳائڻي زين ملڪ جي حوالي سان نيون اڳڪٿيون سامهون اچي رهيون آهن. هالي ووڊ لائيف جي رپورٽ موجب سندن مداح اهو ڄاڻڻ چاهين ٿا ته هو ٻئي ڪڏهن شادي ڪندا. اهڙيون رپورٽون به سامهون اچي رهيون آهن ته ٿي سگهي ٿو ته ٻنهي مڱڻي به ڪري ورتي هجي ۽ ڪا حيرت ناهي ته هي ٻئي هن ئي سال شادي به ڪري وٺندا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته زين ملڪ جي جي حديد سان شادي ڪرڻ جو خواهشمند آهي ۽ سندس ارادو آهي ته هو ٻار جي پيدائش کان اڳ ئي جي جي سان شادي ڪري زندگي جو نئون سفر شروع ڪري.

Bookmark the permalink.